شام وَ سحر

شام وَ سحر

شام وَ سحر

شام وَ سحر (ڪتاب): هي ڪتاب منصور ويراڳيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن ۾ ڪيل آهي: “شام و سحر جي انهن گهائيندڙ گهڙين جي نالي، جن ۾ مست جواني ڪر موڙي سجاڳ ٿئي ٿي ۽ هر جڳهه مچ مچائي ٿي ۽ معصوم ۽ مظلوم انسانيت جي حفاظت خاطر بغض ۽ برائي خلاف بناوت جو جهنڊو بلند ٿي ڪري، طاغوتي طاقتن جو دليري سان مقابلو ٿي ڪري ۽ باطل جي بنيادن کي اکوڙڻ جو اعلان ٿي ڪري. ڪتاب بابت ٻه اکر محبوب علي چنا لکيا آهن. هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ ‘جواني جون رنگين راتيون’، ‘شام وَ سحر’، ‘عورت ۽ مرد جي محبت’، ‘زينت سان ظلم’ ۽ ‘سدا سهاڳ’ شامل آهن. ڊيمي سائيز ڪچي جلد سان 48 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنياسي پبليڪيشن، هالا 1968ع ۾ ڇپايو، جنهن جي قيمت 6 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو